اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف جي صدارت ۾ خصوصي سيڙ??ڪا??ي سهولت ڪائونسل جي خصوصي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چيف آف آرمي اسٽاف، موجوده ۽ اڳوڻن نگران وزيرن، وڏن وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي نگران ڪابينا جي ميمبرن جي موجودگي ۾ نئين وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي خصوصي سيڙ??ڪا??ي سهولت ڪائونسل جي سيڙ??ڪا??ي، نجڪاري ۽ ملڪ جي مجموعي مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام جي حوالي سان قدمن ۽ نمايان ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ڪميٽي وزيراعظم محمد شه??از شريف جي قيادت ۾ جون 2023ع جي خصوصي سيڙ??ڪا??ي سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو جيڪا هاڻي پاليسي سازي جي جوڙجڪ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چ??ي آهي. اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعظم محمد شه??از شريف، ڪابينا ۽ وڏن وزيرن ک?? نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان ک?? درپيش اق??صادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان ک?? دنيا جي بهترين معيشتن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف حڪومت جي اق??صادي قدمن ۾ هٿياربند فوج پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن ملڪ کي ان جي حقيقي پوٽينشنل موجب آڻڻ جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي خاطري پڻ ڪرائي. وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو ته خصوصي سيڙ??ڪا??ي سهولت ڪائونسل مشڪل وقت ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ رستو آهي ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ ماضي جي ڀيٽ ۾ هڪ پختي عزم جي ضرورت آهي. هن وفاقي ڪابينا تي زور ڏنو ته اها گڏجي سياسي اختلافن ک?? مٿانهون رکي اق??صادي استحڪام جي لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪن. هن وسيع تر قومي اق??صادي ايجنڊا جي تسلسل تي نگران حڪومت جا پڻ ٿورا مڃيا.