اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي، ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به اوچتي صورتحا?? ۾ ??هري نيشنل هيلپ لائين نمبر جي ذريعي فوري مدد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي ۽ ان سلسلي ۾ پي ايم ڊليوري يونٽ کي اهم ٽاسڪ سونپيو ويو آهي، پي ايم ڊليوري يونٽ نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر تي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين جي لاءِ ڌار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر هوندو، وزيراعظم نيشنل هيلپ لائين نمبر جي قيام کي ٻن مهينن ?? مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. وزيراعظم آفيس مو??ب ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٽول فري هوندو، نيشنل هيلپ لائين نمبر سان ڪنهن به اوچتي صورتحا?? ۾ ??هري جي فوري مدد ممڪن ٿيندي، نئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ڪمپنين کان مدد حاصل ڪئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي لاءِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.