اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پهريون نشان ??يدر ماڻيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي بي مثال ج??ئت ۽ بهادري سان ??اريخ لکي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ تي قربان ٿيندڙ بهادر پٽ قوم جو فخر آهن، قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي. واضح رهي ته ڪيپٽن راجا محمد سرور ڀٽي 27 جولاءِ 1948ع تي شهادت ماڻي هئي.