اسلام آباد – 16 ج??لاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابط?? ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي جي لاءِ حڪومت پاران اعلان ڪيل تازي مراعتي پيڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي سان قومي رابط?? ڪميٽي ج??ڙي هئي، جنهن جو پهريون اجلاس سندس صدارت ۾ 10 جولاءِ تي ٿيو، ان ڪميٽي جي قيام جو مقصد تعميراتي شبعي بابت قانونن کي آسان بڻائڻ ۽ قرضن جي فراهمي جي عمل ۾ آساني پيدا ڪرڻ ?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ آهي.