اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نمايان گهٽتائي حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته حڪومت کي شروع ۾ ئي پرڏيهي ناڻي جي گ??ٽ ذخيرن جو مسئلو درپيش هو، آمدني وا??ار تي پرڏيهي ناڻي جو ڪاٿو روانگي وا??ار کان ٻيڻ کان به وڌيڪ هو، ان جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ار?? جي لڳ ڀڳ پهچي ويو هو، حڪومت ان ڏس ۾ ٺوس قدم کنيا، روانگي وا??ار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، حڪومت جي ڪوششن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ار?? ڊالر مان گهٽ ٿ?? 3 ار?? ڊالر جي سطح تي آندو ويو، اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي.