اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ت?? مشڪل حالتن جي باوجود حڪومت ڪو نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته نئين مالي سال ۾ 1600 کان وڌيڪ شين ت?? ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو، ڪاروبار?? لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ج?? لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته نئين مالي سال ۾ 200 ٽيرف لائينز ت?? ڊيوٽي کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، 166 ٽيرف لائينز تي ريگيوليٽر?? ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي، امپورٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، تعميرات جي شعبي ج?? لاءِ ٽيڪسن کي اڌ ڪيو ويو آهي.