اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪرسمس جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي برادري خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي ڀينرن ۽ ڀائرن کي مبارڪباد پيش ڪندي چ??و آهي ته پاڪستان ٺهڻ ک??ن وٺي تعمير پاڪستان ۽ ملڪي ترقي ۾ مسيحي برادري قابل ف??ر ڪردار ادا ڪيو.