اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عدم تشدد جو عالمي ڏينهن 2 آڪٽوبر اربع ڏينهن ملهايو ويندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هر سال 2 آڪٽوبر تي مهاتما گ??نڌ?? جي سالگره جي مو??عي تي عدم تشدد جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد مختلف ملڪن وچ ۾ امن جي قيام، بردا??ت ۽ عدم تشدد جي جذبن کي هٿي ڏيڻ آهي ته جيئن عالمي مسئلن ۽ تڪرارن کي گڏيل ڳالهين سان حل ڪري سگهجي. عالمي ڏينهن جي مو??عي تي سرڪاري، غيرسرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ عدم تشدد ۽ ان جي اهميت جي حوالي س??ن عام ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪئي ويندي.