ا??لا?? آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ ريڊيو پاڪستان ويو ۽ ساڻس والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير چ??و ته والده جو ڪو نعم البدل نه آهي، والده جو لاڏاڻو وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، پنهنجي زندگي مان ماءُ کي ڪڍي ڇڏ??و ته زندگي ۾ ڪجهه نٿو رهي. توهان آخري ڏينهن ۾ پنهنجي والده جي تمام گهڻي خدمت ڪئي جيڪا اطمينان جوڳي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي ??نت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ سعيد احمد شيخ سميت سمورن گهرڀاتين کي ??بر جميل عطا فرمائي.