ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن سميت سمورن ضلعن ۽ ڊويزن هيڊڪوارٽرز ۾ ??شن آزادي جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. ڪوئيٽا، ڊيره مراد جمالي، جعفر آباد، جهل مگسي، سبي، ڪوهلو، ڊيره بگٽي، ڊيره ال??ه يار، اوس??ا محمد، تربت، گوادر، زوب، قلعه عبدالله، چمن، حب، خضدار، سو??اب?? مڪران، ڪڇي، ڍاڍڙ، صحبت پور، هرنائي، زيارت، پشين، گلستان، خانوزئي، هنه اوڊڪ، د??ت سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ پرچم ڪشائي جون تقريبون منعقد ڪيون ويون جتي شرڪت ڪندڙن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.