اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان متحده قومي موومينٽ جي پارليامينٽ جي ميمبرن ??لا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ??لا??ات ڪندڙن ۾ خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر به م??جود هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ان موقعي تي وفاق جي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل ۽ نئين اعلان ٿيل منصوبن کي جلد شروع ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته م??جوده حڪومت ڪراچي جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي.