اسلام ??باد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وقت سر ويڪسين لڳائڻ ۽ ايس او پيز تي عمل??رآ??د سان ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، عوام ??و رضاڪاراڻ?? طور تي ويڪسين لڳائڻ سٺي ڳالهه آهي، جنهن جو مثال ترقي يافته ملڪن ۾ به گهٽ ملي ٿو، هندستان جهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ ادارن ۽ عوام کي گڏجي ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سڄي ملڪ ۾ جاري ڪورونا ويڪسينيشن مهم جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.