اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي امتحان مان نڪرڻ جي لاءِ اسان کي هڪ منظم قوم هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلو اختيار ڪرڻ سميت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ سمورن حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد جي تلقين ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار علامه ساجد نقوي ۽ مولانا حنيف جالنڌري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي علامه ساجد نقوي سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۽ مجلسن ۾ ڪورونا خاتمي جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي، مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙ ماسڪ پائين ۽ محفوظ فاصلو اختيار ڪن، بزرگ ماڻهو عبادتون گهرن ۾ سرانجا?? ڏين. علامه ساجد نقوي صد?? کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز جي پابندي جي خاطري ڪرائي.