فيصل آباد – 20 نو??بر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته صنعتي شعبي ۽ واپارين کي درپيش مسئلن کي ڪنهن به طور ??ي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جو اهو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ ڪاروباري طبقي ۽ صنعتي شعبي جي مسئلن کان چڱي طرح آگاهه آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي وفد سان گڏ فيصل آباد پهچڻ تي ڪيو، وفد ۾ سين??ٽر سجاد حسين طوري، مرزا محمد آفريدي، احمد خان ۽ ڪهده بابر بابر شامل هُئا.