اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين مح??د صادق سنجراڻي چيو آهي ته شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي م??صوبن سان بلوچستان جي بجلي جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي، بلوچستان ۾ قابل تجديد توانائي جي م??صوبن لاءِ خصوصي مراعتون ڏنيون وينديون. توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ چيئرمين مح??د صادق سنجراڻي سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين بلوچستان ۾ توانائي بابت منصوبن ۽ بلوچستان ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هدايتون ڏنيون، سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچستان هڪ وڏو صوبو آهي، بجلي ورڇ جي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو، بلوچستان جي ضلعن چاغي، لسٻيله، آواران، وشوڪ?? گوادر وغيره لاء?? ڌار بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهڻ جي ضرورت آهي.