اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري ??اص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڏکڻ بلوچستان ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن تي اڳڀرائي جاري ??هي، خضدار کان بسيما 110 ڪلوميٽر ٻن ڦاڪن واري ??ستي تي ڪم ڀرپور ان??از ۾ جاري ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اين 30 رستي تي ڪم آڪٽوبر 2019ع ۾ شروع ٿيو، اين 30 رستي جي تعمير تي 19 ارب رپيا لاڳت ايندي. عاصم سليم باجوه چيو ته رستي جو 20 سيڪڙو ڪم مڪمل، رستو خضدار کي اين 85 سان ڳنڍيندو. هن چيو ته منصوبي جي 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻ سان گوادر تائين پهچ وڌيڪ آسان ٿي ويندي.