لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سا?? اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي ج??هن ۾ سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر حڪومتي قدمن کي ڀرپور طريقي سا?? اجاگر ڪرڻ تي سينيٽر شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن ۽ ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ حالتن سميت ٻين ايشوز بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي اطلاعات وار?? وفاقي وزير شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت نه رڳو پاڪستان کي معاشي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري رهي آهي پر عوام کي به هر شعبي ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ه?? چيو ته احساس پروگرام جهڙا منصوبا حڪومت جي عوام دوستي جو واضح ثبوت آهي.