ڪراچي – 11 جولاءِ (اي پي پي) ملير ?? زمينن تي قبضن جون هلندڙ خبرن تي پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ سنڌاسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته 2018ع ۾ سنڌ حڪومت خلاف ڪمند معاملي تي احتجاج ڪرڻ بعد پيپلزپارٽي من??نجو آواز بند ڪرائڻ لاءِ مختلف قسم جا طريقا استعمال ڪري رهي آهي گذريل ٻن سالن کان پيپلزپارٽي وارا من??نجي ۽ من??نجي عزيزن خلاف مختلف درخواستون ڪري رهيا آهن جيڪي ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن. 2019ع ۾ زمينن تي قبضي بابت ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جن??ن تي اي سي سي ڪميٽي، جنهن جي اڳواڻي چيف سيڪريٽري ڪندو آهي سمورا وڏا آفيسر ڪميٽي ۾ شامل هوندا آهن ڪيس کي رد ڪري روينيو ۾ موڪليو هو جتان به اهو ڪيس ر?? ٿي چڪو آهي.