اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر (اين س?? او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ اسپري جي طريقيڪار ۽ ضرورت جي حوالي سان جلد هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي، صحت وارين وفاقي ۽ صوبائي وزارتن 5 نقطن تي اتفاق ڪيو آهي جن ۾ ڪوويڊ 19 جي شڪي مريضن جي لاڏاڻي جي هڪ نظام تحت تحقيق، وائرس جي ڪنهن علائقي ۾ عدم موجودگي ??اب?? سروي، قرنطينه جي حڪمت عملي، وائرس کان بچاءُ لاءِ اسپري ۽ اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ دستياب بسترن ۽ وينٽي ليٽرز ??اب?? تازي معلومات جي فراهمي جو طريقيڪار شامل آهي. اين س?? او سي جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ هتي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر ۾ ٿيو.