اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشري??ت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ ??يو آهي ته تعميراتي شعبي جي لاءِ مراعاتي پئڪيج ۽ صنعت جو درجو ڏيڻ سان ٻين صنعتن کي هٿي ملندي، وزيراعظم جو اهو قدم نئين اميد ۽ ترقي جو پيغام آهي، مزدور ط??قي کان وٺي سيڙپڪار برادري سڀ ان مان فائدو کڻندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ ??يو ته فڪسڊ ٽيڪس جو مطالبو تسليم ڪندي سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعميراتي شعبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو، تعميراتي شعبي جي فعال ٿيڻ سان ٻين صنعتن کي نئين زندگي ملندي جنهن مان هنرمند ۽ غيرهنرمند پورهيت فائدو کڻندا، پئڪيج ملڪ جي تعمير، عوام جي خوشحالي ۽ رو??گا?? جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.