ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمورن بئنڪن کي معذور م??ڻهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد، کين تربيت ۽ نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر بئنڪن جي سي اي اوز ۽ صدرن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته معذور م??ڻهو گهڻا محنتي هوندا آهن، ادارن کي گهرجي ته هو معذور م??ڻهن ۽ عورتن جي حو??لا افزائي ڪن، حڪومت اهڙن ماڻهن کي اڪليو نٿي ڇڏي سگهي، خصوصي ماڻهو معاشري جو خصوصي حصو هوندا آهن، بئنڪ مالي ۽ ڀلائي جي پروگرامن جي ذريعي انهن جي مدد ڪن، بئنڪن کي حڪومت طرفان خصوصي ماڻهن لاءِ مختص ڪوٽا تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.