ڪراچي – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايل آر بي ٽي اسپتال غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ علاج جون زبردست سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، سر??دي وارن ماڻهن کي ان خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گو??نر عمران اسماعيل سان گڏ ايل آر بي ٽي اسپتال ڪورنگي جي دوري جي موقعي تي ڪيو.