اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چ??و آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) 2008ع کان 2018ع دوران ميثاق ڪرپشن جي ذريعي ملڪ جي خزاني کي ب?? دردي سان لٽي پنهنجا خزانا ڀريا ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجون جائيدادون ٺاهيون، 22 ڪروڙ عوام کي پهريون ڀيرو عمران خان جي صورت ۾ هڪ ديانتدار ۽ ايماندار وزيراعظم مليو جيڪو هر ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ ج?? صلاحيت رکي ٿو، پهرين 15 مهينن ۾ معاشي طور تي ڏيوالو نڪتل ملڪ کي پنهنجي پيرن تي ب??هاري معاشي استحڪام جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏ??و آهي، 2020ع معاشي ٽي?? آف جو سال آهي، ان سال عام ماڻهو کي حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، هو ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو