سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو اهي ته 2020ع نئين سر تعمير ۽ پاڪستان جي بهتري جو سال هو??دو، اهو سال نئين پاڪستان جي نئين رنگ ۽ ڍنگ کي اڳتي وٺي هلڻ جو سال آهي، موجود?? حڪومت پنهنجو پهريون سال سڌارن ۾ گذاريو جنهن سبب عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ مشڪلاتن کي به منهن ڏيڻو پيو ڇو ته سڌارن جو عمل تڪليف ڏيندڙ هو??دو آهي، نظام کي بدلائڻ جي جدوجهد ۾ ان سڙيل نظام سان جڙيل طاقتور طبقن ۽ رڪاوٽن کي هٽائڻ ۾ مشڪلاتون هو??ديون آهن، گذريل حڪومت معيشت کي ننڍا ننڍا پر نه تمام وڏا زخم ڏنا، قرضن کي ملڪي سطح جي بدترين جڳهه تي ڇڏيو، ڪرپشن جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ وڏي سرجري جي ضرورت هئي، سيالڪوٽ ۾نساءِ انسٽيٽي??ٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون پنهنجو پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي ته الله تعاليٰ مون کي توهان لاءِ چونڊيو ۽ اها ذميداري ڏني ته آئون ت??هان جي سُڃاڻپ بڻجان ۽ توهان جي حقن جي ڳالهه ڪري سگهان.