اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان سمورن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ مصالحت جو ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي، امداد لاءِ ٻين جي جنگ ۾ ٽپي ملڪ تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي اسان دنيا سان سڌي ڳالهه ڪندا آهيون ۽ اهڙو واعدو نٿا ڪريون جيڪو پورو نه ڪري سگهون، ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي، ادارا هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهن، ادارن ۾ مث??لي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي، ملڪ ۾ عدم استحڪام جي خواهش رکندڙن کي مايوسي ٿي، پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري اڳتي وڌي رهيو ??هي ۽ ڪا به طاقت ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن واري آفريقي ملڪن لاءِ پاڪستان جي سفيرن جي ڪانف??نس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو.