گلگت – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان کي قدر بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي، ان علائقي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ وڏا موقعا موجود آهن جنهن کي استعمال ۾ آڻي ان خطي جي ترقي ممڪن ٿي سگهندي، گلگت بلتستان حڪومت وڌيڪ ننڍا پن بجلي گهر قائم ڪرڻ جي حوالي سان منصوبابندي ڪري جنهن ۾ وف??قي حڪومت به مدد ڪندي، سي پيڪ منصوبن جي ڪري هن خطي جي ترقي ڏسڻ وٽان هوندي، اهڙن خيالن جو اظ??ار هن گلگت ۾ اعليٰ سطحي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظ??ار ڪندي ڪيو، وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ گلگت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو.