اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستا??ين کي وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ جامع ??ال??سي جوڙي وڃي، انهن جي سهولت لاءِ 8 اوورسيز مرڪز به قائم ڪيا وڃن. وزيراعظم عمران خان سان پرڏيهي پاڪستا??ين ۽ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار سيد طارق الحسن ملاقات ڪئي. ان دوران پرڏيهي پاڪستا??ين جي سهولت با??ت معاملا بحث هيٺ آندا ويا. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني جيڪي هن ملڪ جو قابل قدر اثاثو آهن کين وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ جامع ??ال??سي جوڙي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستا??ين لاءِ هڪ ڇت هيٺان مختلف خدمتن جي فراهمي لاءِ ون ونڊو سهولت لاءِ 8 اوورسيز مرڪز به قائم ڪيا وڃن.