اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان سان گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي ??الدين ۽ معصوم پٽ ملاقات ڪئي، وزيراعظم مدثر نارو جي ??الدين کي واقعي بابت تحقيقات ۽ سموري ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ان سلسلي ۾ وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ تحقيقات ڪري مدثر نارو جي ??الدين ۽ پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي ??دايتون جاري ڪيون، مدثر نارو جي ??الدين وزيراعظم جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.