اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ??ئي آهي ته ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. اها هدايت هن اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شي?? رشيد احمد، اسد عمر، خسرو بختيار، سيد فخر امام، حماد اظهر، ناڻي وار?? صلاحڪار شوڪت ترين، واپار وار?? صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين کانسواءِ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدار شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪ جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. هن هدايت ??ئي ته ڪمند، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي انهن قدمن جو مقصد عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ آهي. ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فرق اسمگلنگ جي ڪري ٿئي ٿو، اسمگلنگ جي ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن جي ڪري قيمتون وڌي وڃن ٿيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي ڊالر جي مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ذخيري جي خلاف وسيع جاچ ڪئي آهي. بارڊر ڪراسنگز تي افرادي ق??ت وڌائي پئي وڃي ته جيئن مال جي چيڪنگ ۽ چرپر جي ٽريڪنگ ممڪن ٿي سگ??ي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غيرقانوني پيٽرول جي اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف آپريشن ۾ سٺي ڪاميابي ملي آهي.