اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي بلوچ ۾ بس حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ ا??سوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير حادثي ۾ زخ??ي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.