اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فني تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو آهي ته جيئن صنعتي شعبي جي ضر??رتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن کي روزگار جا موقعا به فراهم ڪري سگهجن. معياري تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن ??يو ته ملڪ جي فني ۽ صنعتي ترقي سڌو سنئون تعليم جي معيار سان ڳنڍيل آهي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي ملڪ کي ترقي جي راهه تي وجهڻ لاءِ تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضر??رت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊيز ان انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سر سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊيز جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر شفاعت احمد صدر کي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد تعليم جي فروغ ۾ پنهنجي اداري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سر سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز انجنيئرنگ، مينيجمينٽ، بزنس ۽ ڪمپيوٽنگ جي شعبن ۾ بيچلرز کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين مختلف پروگرام پيش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته في ال??ال 900 کان وڌيڪ شاگرد انسٽيٽيوٽ ۾ مختلف شعبن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جڏهن ته هيستائين 3500 کان وڌيڪ شاگرد تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2017 کان يونيورسٽي مستحق شآگردن کي 54.3 ملين روپين جا وظيفا ۽ مالي امداد ڏني آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ??يو ته يونيورسٽين کي پنهنجي شاگردن ۾ تجزياتي ۽ منطقي سوچ جون مهارتون وڌ??ئڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ ??يو ته سر سيد احمد خان جي تعليم مستقبل ۾ نوجوانن جي رهنمائي ڏئي سگهي ٿي. هن انسٽيٽيوٽ جي انتظاميه تي شاگرن جو تعداد وڌ??ئڻ سان گڏوگڏ ان جي ورچوئل صلاحيت کي به وڌ??ئڻ تي زور ڏنو، هن پيداواري صلاحيت کي وڌ??ئڻ ۽ تعليمي شعبي کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين سان سهڪار جي ضر??رت تي به زور ڏنو. صدر ملڪ ۾ فني ۽ آءِ ٽي تعليم کي فروغ ڏيڻ ۾ سر سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊي جي ڪردار کي ساراهيو.