اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊاڪٽرز اسان جي ملڪ جو ??يمتي سرمايو آهن، پاڪستاني ڊاڪٽرز جي صلاحيتن جي پو??ي دنيا متعرف آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار انصاف ڊاڪٽرز فورم جي صدر ڊاڪٽر مدير خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خا?? مددگار نيشنل هيلٿ سروسز ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي صحت ۽ روينيو وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا به موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم کي صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر مدير وزيراعظم کي ڊاڪٽرن جي انٽري ٽيسٽ ايگزام (ايم ڊي سي اي ٽي) ۽ نيشنل لائيسينسنگ ايگزام (ا??ن ا??ل اي) بابت خدشن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر فيصل سلطان کي ترجيحي بنيادن تي انهن خدشن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.