اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آ??ي ته حڪومت آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري جا قدم کڻي رهي آهي، واديءَ ۾ سياحت جي فروغ سان معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزي??اع??م سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م عمران خان چيو ته آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ترقياتي پئڪيج ۽ 5 سالا ترقياتي پلان تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. ترقياتي پئڪيج ۾ سياحتي انفراسٽرڪچر، بنيادي صحت ۽ تعليم ۽ ايل او سي ويجهو ره??دڙ آبادي جي لاءِ منصوبا شامل آهن.