اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئ??. و??يراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ڪ??ششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??ه گومل زام ڊيم منصوبي سان صوبي جي 160،000 ايڪڙ زمين پوکي جي قابل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪ??نا?? منصوبي جي ذريعي 300،000 ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهند??. و??يراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ آيا جنهن سان 66 ارب روپين جو روينيو حاصل ٿيو آهي.