اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري با??ت ذيلي ڪميٽي (سي سي او پي) جي اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس ميينجمينٽ ڪمپني لميٽڊ (اين پي پي ايم سي ايل) جي نجڪاري تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري با??ت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس هتي فنانس ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار، پاور با??ت خاص مددگار، ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي ۽ روينيو با??ت خاص مددگار شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاور، پيٽروليم ۽ نجڪاري جي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي نجڪاري تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان حوالي سان ڪابينا جي توانائي با??ت ڪميٽي، ڪابينا جي نجڪاري با??ت ڪميٽي ۽ سي سي سي جي فيصلن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويو.