اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ بيجنگ ۾ پاور پلانٽ جي افتتاح جي تقريبن ج?? ورچوئل انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم عم??ان خان اسلام آباد مان شرڪت ڪئي، تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز، توانائي واري وفاقي وزير عم?? ايوب خان، وفاقي وزير حماد اظهر، ايٽامڪ انرجي ڪميشن ج?? چيئرمين محمد نعيم ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ايٽامڪ انرجي ڪميشن ج?? چيئرمين وزيراعظم عم??ان خان ج?? تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروزي به تقريب کي ورچوئل خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ج?? پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي جي استعمال کي ساراهيو ۽ ان کي محفوظ ۽ ماحول دوست قرار ڏنو. چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي جي چيئرمين پاڪ چين سفارتي لاڳاپن ج?? سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي ان منصوبي کي پاڪ چين دوستي جو مظهر قرار ڏنو ۽ چيو ته چين پاڪستان سان تعاون جاري رکندو، ڊي جي ايس پي ڊي ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ڪي ٽو نيوڪليئر پاور پلانٽ جديد ترين نوعيت جو جنريشن ٿري جو نيوڪليئر پاور پلانٽ آهي جيڪو حفاظت ۽ سيفٽي جي جديد ترين انتظامن سان ليس آهي، ان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين تحفظ ۽ حادثن کان بچاءُ کانسواءِ ايمرجنسي جي صورت ۾ بچاءُ ۽ ازالي جي جديد ترين سهولتون شامل آهن.