اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سريلنڪا جي م??هور ٻڌ ڀڪشوئن جي 11 رڪني وفد ملاقات ڪئي آهي. اهو وفد حڪومت جي د??وت تي پاڪستان جي دوري تي آيل آهي. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطي ۽ بين المذاهب هم آهنگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي شاندار گنڌارا تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٻڌهن جي سڀ کان مقدس ماڳن کي سارسنڀال ڪرڻ تي فخر آهي، پاڪستان ۾ سڄي دنيا کان سياح مذهبي م??ڳن جي زيارت لاءِ ايندا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ بي م??ال قدرتي حسن سان مالا مال ۽ تاريخي ۽ تهذيبي م??ڳ آهن، وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت ٻڌهن جي مقدس ماڳن جي حوالي سان هڪ ٽريل بڻائڻ تي ڪم ڪر?? رهي آهي جنهن جي ذريعي هو پنهنجي مقدس ماڳن کي زيارت ڪر?? سگ??ند??، هن چيو ته ان ٽريل سان جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون جنهن سان سڄي دنيا مان ايندڙ ٻڌ زائرين کي پنهنجي مقدس ماڳن جي زيارت ڪرڻ ۾ سهولت حاصل ٿيندي، وفد حڪومت طرفان ان منصوبي ۽ پاڪستان م ٻڌهن جي م??هبي م??ڳن ۽ آثار قديمه جي بحالي ۽ رنگ روغن کي ساراهيو، وفد چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي سياحن ۽ زائرين لاءِ پرڪشش ملڪ آهي، وفد سريلنڪا سان پاڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن، تعاون ۽ يڪجهتي کي ساراهيو.