اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايتن موجب احساس پروگرام هلندڙ ٽن مهينن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ 11 پناهگاهن (شيلٽر هوم) جو افتتاح ڪي?? آهي ج??هن ۾ 5 پناهگاهون ڪراچي ۾، 4 بلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، گوادر ۽ لسٻيله ۾ جڏهن ته هڪ هڪ پناهگاه گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ضلعن اسڪردو ۽ مردان ۾ تربيتوار قائم ڪي??ن ويون آهن. ضرورت موجب وڌ کان وڌ مزدورن تائين رسائي لاءِ اهي پناهگاهون گهٽ آمدني وارن ۽ پناهگير مزدورن جي رهائشي علائقن ۾ قائم ڪي??ن ويون آهن، پناهگاهن جو تصور وزيراعظم جي بي وس ۽ لاچار ماڻهن کي سهولت ۽ انهن جي وقار کي برقرار رکڻ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. پناهگاهون ماڻهن کي موسم جي شديد صورتحال ۽ سردي ۽ گرمي کان محفوظ رکن ٿيون، گذريل سال آگسٽ ۾ وزيراعظم غربت جي خاتمي ۽ سما??ي تحفظ و??ري ڊويزن کي پناهگاهن جي معيار کي بهتر بڻائڻ ج?? ذميد??ري سونپي هئي، ان کانپوءِ ڪم کي تيزي سان ڪي?? ويو ۽ هڪ فريم ورڪ تيار ڪي?? ويو جنهن تحت اسلام آباد ۾ سمورين پنج پناهگاهن جي معيار کي اپ گريڊ ڪي?? ويو، غربت جي خاتمي ڊويزن پاليسي فريم ورڪ تيار ڪي?? ۽ پاڪستان بيت المال کي ان تي عملدرآمد ج?? ذميد??ري سونپي وئي، غربت جي خاتمي ۽ سما??ي تحفظ و??ري ڊويزن مان ج??ري پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اهي پناهگاهون هڪ بيڊ ۽ ناشتي ج?? سهولت سان کاڌو، ضروري سامان، صفائي سٿرائي ۽ تحفظ فراهم ڪنديون آهن ۽ هر پناهگاه ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي مفت کاڌو ۽ رات جي قيام لاءِ 100 بسترن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي.