اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي قومي اسيمبلي مان اع??ماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اع??ماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراع??م تي ايوان اع??ماد جو اظهار ڪيو آهي، توهان کي هن ايوان مان وقت سر اع??ماد مليو آهي. هاڻي توهان جي ذميواري آهي ته توهان قوم کي اع??ماد ۽ اع??بار ڏيو. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي راءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. اسان توهان تي اع??ماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان رڳو وٺڻ وارا هٿ به نه آهيون اسان جو ڏيڻ وا??و هٿ به آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو به ڪو مقصد هو اسان ??اه??ون ٿا ته اهو مقصد توهان جي هٿان پورو ٿئي.