اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، پرامن ۽ مستحڪم افغا??ست??ن واپار جون نيون راهون کو??ين??و، پاڪستان چاهي ٿو ته افغا??ست??ن مسئلي جي حل لاءِ سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان وحدت اسلامي افغا??ست??ن جي اڳو??ڻ استاد ڪريم خليلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن عمل تي اڳڀرائي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته افغان مسئلي جي ٺوس حل جي لاءِ بين الافغان ڳالهين واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لازمي آهي. مسلسل ٽڪراءُ سان افغان عوام بري طرح متاثر ٿي. اسان افغا??ست??ن سان واپار ۽ معيشت سميت ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري چاهيون ٿا.