اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊ??ر انٽرويو ڏئي مڪمل طور تي پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جو سدائين موقف رهيو آ??ي ته هن منظم ??ريقي سان مني لانڊرنگ ڪئي، شريف فيملي جي غيرقانوني طريقي سان اثاثا وڌائڻ ۾ پڻ اسحاق ڊ??ر جو ڪردار رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پ??ڪستان پيپلزپارٽي گذريل 40 سالن کان واريون وٺنديون آهن، انهن ماڻهن عوام جي ڪا خدمت ناهي ڪئي، ٻنهي پارٽين ٻنهي هٿن سان قومي ناڻي کي ڦري پنهنجا اثاثا وڌايا ۽ مل??ي معيشت تباهه ڪئي. شبلي فراز چيو ته اڳوڻن حڪمرانن هر دور ۾ قانون کي غلط استعمال ڪيو.